شير سنڌ لقب

شير سنڌ (لقب): مير شير محمد خان ٽالپر کي ‘شير سنڌ’ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. مياڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست کان پوءِ ڇڙوڇڙ لشڪر کي گڏ ڪري مير شير محمد خان انگريزن خلاف دٻيءَ جي جنگ وڙهيو ۽ جنگ ۾ هار کانپوءِ مير شير محمد خان مسلسل انگريزن خلاف بغاوت ڪندو رهيو ۽ آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. سندس انهيءَ ڪاوش سبب کيس ‘شير سنڌ’ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ‘ٽالپر مير شير محمد خان ‘شير سنڌ’’، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، صفحو 412)


هن صفحي کي شيئر ڪريو